اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز ش??يف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئ??سي کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئ??سي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ?? خي??سگ??لي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز ش??يف جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم شهباز ش??يف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خي??سگ??لي جي جوابي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پ??هنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازش??يف جو ٿورو مڃيو.