اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ مان اُٿندڙ انتهائي شديد سامونڊي طو??ان بپر جوائي سامونڊي علائقي پهچي ويو. طو??ان جو ڪيٽي بندر کان مفاصلو گهٽ ٿي 150 ڪلوميٽر رهجي ويو آ??ي. ??ين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق بپر جوائي ڪرا??يء?? مان 230 جڏهن ته ٺٽي مان 235 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. طو??ان جي سطح تي هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. ڪرا??يء?? سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي ويجهن سامونڊي علائقن ۾ تيز طو??ان ۽ شديد برساتن جي صورت ۾ اثر پئجي سگهن ٿا. طو??ان جو رُخ اُتر اوڀر طرف رهندو ۽ ا?? شام جو ان جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي ۾ ٽڪرائڻ جا امڪان آهن.