اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان، چين ۽ ايران جي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي بابت پهريون ٽه ڌريو مشاورتي اجلاس گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٽه ڌريي مشاورتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڪائونٽر ٽيررازم) عبدالحميد پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. وفدن علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي خطي کي درپيش دهشتگردي جي خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته مشاورت جي نتيجن جي بنياد تي ڌرين دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي بابت ٽه ڌريي مشاو??ت کي ??دا??اجاتي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.