لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امير مقام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحرا?? بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس ??ٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خ??تم?? لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بحرا?? بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحرا?? بابت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خ??تم?? لاءِ عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.