اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي ??لاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران داخل ٽن جدا جدا اپيلن کي رد ڪندي شڪايت ڪندڙن کي 32 لک رپين کان وڌيڪ جا انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي ??ندر عملدرآمد جي ??پورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪر?? ڇڏي. اسٽيٽ لائيف ڄاڻي واڻي بيماريون لڪائڻ جي ??لزام تي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪر?? ڇڏيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي ان لاءِ هو ٽنهي شڪايت ڪندڙن کي انشورنس ڪليمز جي ??دائيگي ڪري. ايوان صدر جي پريس و??گ موجب ٽن شڪايت ڪندڙن بشمول ثمينه شهزادي، محمد محفوظ ۽ سيتا جي ??اندان جي ماڻهن اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کان ترتيبوار 29 لک، 198290 ۽ 192000 رپين جون انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. پاليسي هولڊرز جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ لائيف شڪايت ڪندڙن کي موت جي ??يمي جي ڪليمز جي ??دائيگي کان انڪار ڪر?? ڇڏيو هو. شڪايت ڪندڙن ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن انهن جي ??ق ۾ حڪم جاري ڪر?? ڇڏيا. بعد ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان محتسب جي فيصلن جي ??لاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون، جن کي صدر رد ڪر?? ڇڏيو. شڪايت ڪندڙ ثمينه شهزادي جي معاملي ۾ صدر قرار ڏنو ته ان جي فوتي مڙس (محمد سعيد احمد) جي موت اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي ??عويٰ جي ??بتڙ دماغ جي ٽيومر سان نه پر ڪوويڊ 19 جي ڪري ٿي هئي. محمد محفوظ جي معاملي ۾ صدر نشانده?? ڪئي ته پاليسي ان جي ڀيڻ (چاند بي بي) کي 26.12.2018 تي جار?? ڪئي وئي هئي ۽ اها پاليسي حاصل ڪرڻ جي 3 سال ۽ 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 19.12.2021 تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. اهڙي طرح سيتا جي معاملي ۾ قرار ڏنو ويو ته ان جي مڙس کي 31.12.2018 تي پاليسي جار?? ڪئي وئي هئي جيڪو پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سال ۽ 2 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 17.03.2021 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انشورنس آرڊيننس 2000ع جي ??يڪشن 80 موجب آرڊيننس جي ??روعات جي ??اريخ کانپوءِ لائيف انشورنس جي ڪنهن پاليسي تي ٻن سالن جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ سوال نه ٿو اٿاري سگهجي ??ڏهن ته انهن ٻنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسرن جي ڳجهي رپورٽس پاليسي جاري ڪرڻ وقت پاليسي هولڊرز کي صحتمند قرار ڏنو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، ان لاءِ ان جي ??پيلن کي رد ڪيو وڃي ٿو تنهن ڪري اسٽيٽ لائيف ٽنهي شڪايت ڪندڙن کي موت جي ??يمن جي ??قم ادا ڪري.