اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو، سندس شخصيت سادگ?? جو عملي نمونو هئي، رڳو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ هن اسان جي مٿان گهرا نقش ڇڏيا آهن، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ??ا ملن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته ??فتي عبدالشڪور جو دين سان گهرو لڳاءُ هو، عملي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان هو، پنهنجي علائقي ۾ مسجد سان گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پنهنجي چونڊ مهم به موٽرسائيڪل تي هلائي ۽ ماڻهن ان جي شخصيت کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته ??شڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا ميمبر به پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن مان پنهنجو حصو وجهن ته ??فتي صاحب مون کي ايمان جي طاقت جي زور تي انتهائي خلوص سان چيو ته ??زيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرائي سگهندس، هن مرد مومن بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ??ا ملن، انهن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم شخصيت ۽ سادگ?? جو عملي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي تي اسان سڀ ڏکويل آهيون، هو جي يو آءِ (ف) جي مٿ?? جو جهومر هو.