اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائ??اڻ?? لاڳاپا آهن، پاڪستان گڏيل ع??ب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل ع??ب امارات جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائ??اڻ?? لاڳاپا آهن. هن ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ت?? پاڪستان گڏيل ع??ب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم حيات بائيو ٽيڪ پاران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور تي ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن ??ورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه آهي. هن چيو ته گڏيل ع??ب امارات توانائي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۾ گڏيل ع??ب امارات جي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان توانائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.