اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ملڪ ۾ دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي روڪٿام ۽ علاج جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ذهني ص??ت پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيندڙ شعبن مان هڪ آهي، آگاهي نه هجڻ جي ڪري نفسياتي مريضن جي اڪثريت مناسب علاج کان محروم رهي ٿي، ان ڏس ۾ معياري نظام جي تياري جي ذريعي ماڻهن کي ص??ت جي مناسب سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ دماغي ص??ت بابت هڪ ورچوئل اجلاس جي ص??ارت ڪندي ڪيو. برٽش ايشين ٽرسٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو رچرڊ هاڪس ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شاهد لطيف وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪيئر ٽيڪ چيريٽيبل فائونديشن، گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊيولپمينٽ جي نمائندن ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پڻ ورچوئل طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته آگسٽ 2022ع ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي ڪرايل سر??ي موجب پاڪستان جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني دٻاءُ ۽ اضطراب جو شڪار آهي، ڪاليج جا 60 کان 80 سيڪڙو شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار ڏٺا ويا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جنهن جي حل لاءِ شاگردن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، حڪومت ماڻهن کي ذهني ص??ت ۽ تندرستي بابت مسئلن بابت مشورو ڏيڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ هيلپ لائين تيار ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ دماغي ص??ت جي نگهداشت تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪم ڪندڙ ذهني ص??ت جي پيشي سان واڳيل ماڻهن سان گڏوگڏ غيرسرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ورڪنگ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ذهني ص??ت جي پيشيور ماڻهن ۽ ضروري وسيلن کانسواءِ ذهني مرضن بابت آگاهي جي کوٽ جي ڪري نفسياتي مريضن جي اڪثريت يا ته علاج کان محروم رهي ٿي يا روايتي عقيدي ۽ مذهبي معالج سان رجوع ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2000 ذهني ص??ت جا پروفيشنلز موجود آهن جيڪي 24 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني مسئلن ۾ ورتل ماڻهن کي مناسب علاج ۽ مشاورت فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معياري نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري عوام کي جديد ۽ معياري ص??ت جي سارسنڀال جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته موجوده هيلپ لائينز/ چيٽ بوٽس کي هڪ واحد قومي ذهني ص??ت جي هيلپ لائين/ چيٽ بوٽس ۾ ضم ڪيو ويندو جيڪو هڪ سال جي پائليٽ پراجيڪٽ جي شڪل ۾ شروع ڪيو ويندو. هن ذهني ص??ت جي حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ماڻهن جي رهنمائي ۽ انهن کي علاج جي اهميت کان آگاهه ??ري سگهجي. برطانيا مان گڏجاڻي کي خطاب ڪندي خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته بريسٽ ڪينسر جي ڪري موت جي شرح ۾ اضافي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن ??ي کوٽ پاڪستان ۾ سماجي ۽ صحت جي اهم مسئلن مان آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علامتن ??ابت آگاهي نه هجڻ ۽ دير سان تشخيص جي ڪري پاڪستان ۾ ان مرض سان موت جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن ??ي لاءِ ان پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. صدر برطانيا ۾ پاڪستاني ڄائي تربيت يافته ڪونسلرز تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ مريضن جي آن لائين ڪونسلنگ جي لاءِ رضاڪاراڻي طور تي ڪم ڪن ۽ ان مقصد جي لاءِ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي تعاون تي زور ڏنو. هن ملڪ جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستاني ڄائي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ طبي ماهرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن صدر پاران کنيل اهم قدم ۽ پاڪستان ۾ ذهني ص??ت ۽ تندرستي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ ان جي گهري دل??سپي کي ساراهيو.