جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان اسلامي ڊيولپمينٽ بئ??ڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر جنيوا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهب??ز شريف محمد الجاسر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. وزيراعظم اسلامي ڊيولپمينٽ بئ??ڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ س??ن تباهي ۽ حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدمن ک??ن تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اسلامي ڊيولپمينٽ بئ??ڪ جي صدر وزيراعظم کي پاڪستان سان ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسلامي ڊيولپمينٽ بئ??ڪ جي لاءِ پاڪستان انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهي، اسلامي ڊيولپمينٽ بئ??ڪ مصيبت ۾ ورتل پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي مدد ڪندو رهندو. وزيراعظم شهب??ز شريف ڊاڪٽر محمد الجاسر جا ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ پاڪستان س??ن تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ کيس حڪومت جي پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار کي گهٽ ڪري قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهب??ز شريف محمد الجاسر کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ جي سولر منصوبي بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو جنهن سان حڪومت نه رڳو گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪري سگهندي پر درآمدي ٻارڻ جو بل پڻ تمام گهٽ ٿيندو.