اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ڪردارڪشيءَ ڪندڙ عنصرن جي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪردارڪشيءَ جي غليظ مهم جو ڪلچر ڦهلائيندڙن جي پوري معاشري پاران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن جي عزت جي فڪر ۽ باقي دنيا جي عورتن جي عزت نه ڪندڙ عنصر ذهني بيمار آهن، اختلاف راءِ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ، مائرن ڀينرن، ڌيئرن جي عزت نه ڪرڻ، گهرن تي حملا، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هر??سان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي علامت هوندي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آهن، بيمار ذهن ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام حا??ل ڪري ٿو، اهي مشڪلاتن کي منهن ڏئي عوامي مقبوليت ماڻين ٿا. هن چيو ته عورتون سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو م??ام ماڻين ته انهن جي ڪردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، عورتن جي خلاف اها بدنما مهم رڳو عورت هج?? جي ڪري هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آهي، عورتون حوصلي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪر?? جي عزم جي علامت بڻجي چڪيون آهن، اهڙي بي هودگي انهن جي ڪاميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.