اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي اثر ڇڏيندو. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي منصوب?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوب?? تي ڳالهيون ٿيون ??يڪ?? وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. انهن منصوب?? تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي وفاقي وزير سي پيڪ جي ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته حڪومت انهن منصوبن خ??ص طور تي ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي سي آر منصوبن کي شروع ڪرڻ تي پرعزم آهي. وفاقي وزير ايم ايل ون ۽ ڪي سي آر منصوبن جي اهميت تي روشني وڌي ??يڪ?? هڪ اسٽريٽجڪ پرو??يڪ??س سمجهيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي اقتصادي اثر پوندا. وفاقي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. ??يڪ?? پهرين نومبر تي وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف منصوب?? تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. چيني سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.