ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي ??زي?? جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن لاءِ 24 لک ايڪڙن لاءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ ڏينداسين، جنهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر به ٺهرائي ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺهرائي سگهن. منظوروساڻ جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي 29 آڪٽوبر کان 29 نومبر تائين ڏينهن خطرناڪ نظر اچي رهيا آ??ن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ان دوران ??لڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور وساڻ عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو ته عمران خان سيڪنڊ ليڊر شپ بجاءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته حالتون خراب ٿينديون، جنهن سياستدانن جو وڏو نقصان ??يندو. هن چيو ته عمران خان ??انگ مارچ نه ڪندو ٿي سگهي ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، منهنجي خواهش آهي ته عمران خان ??ااهل نه ٿئي سياسي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو مان ??خالف آهيان. منظوروساڻ چيو ته ڪجهه ماڻهون ٻاهر ايندا، ڪجهه ٻاهران ايندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عمران خان ??اءِ ڏينهن خراب آ??ن، اليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کان ??وءِ ٻڌائيندس ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، سنڌ ۾ ٻين پارٽين جو مستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، فنڪشنل ليگ جي به پ??زي??ن گهٽ آهي.