اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حقيقت کان ??ٽي ڪري بيانن کي پيش ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۾ شايع/ نشر ٿيندڙ انهن خبرن جو سخت نوٽيس ورتو آهي جن ۾ سومر ڏينهن ”آج“ ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي سان انٽرويو دوران ”سائفر“ جي حوالي سان صدر جي بيان کي مڪمل طور تي حقيقت کان ??ٽي ڪري پيش ڪيو ويو. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر واضح طور تي چيو هو ته کيس سازش بابت شڪ آهي ‘suspicion’ آهي جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو مڪمل جاچ کانپوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ کان ??ٺي هيستائين ان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ ان خط ۾ هن سپريم ڪورٽ کي معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪرڻ جي در??وا??ت ڪئي هئي ڇو ته کيس پڪو يقين آهي ته ان ??عاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. صدر ان ??عاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ ان ??اءِ نه موڪليو هو ته کيس سازش بابت ڪو شڪ نه هو، پر ان ??اءِ ته اهو معاملو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم پاران اٿاريو ويو هو، تنهن ڪري سمورن دستياب واقعاتي ثبوتن سميت پوري معاملي جي غي??جانبداراڻي جاچ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ان حقيقت کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته سائفر جا قومي سطح تي اثر پيا ۽ ان جي ڪري سياسي هلچل پيدا ٿي. ان ??اءِ هن سپريم ڪورٽ کي پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل ڊيمارش کان ??ٽي ڪري به غي??جانبداراڻي انڪوائري جي در??وا??ت ڪئي. اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته صدر جي لفظن کي هڪ انتهائي سنجيده معاملي تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو جنهن سان سنگين اثر پيا. صدر پارليامينٽ ۾ ۽ ان کانسواءِ به ڪيترائي ڀيرا ”حقيقت کان ??ٽي ڪري“ تصويرڪشي جي اثر بابت ڳالهه ڪري چڪو آهي ۽ حقيقتن کان ??ٽي ڪري پيش ڪيل بيان اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.