اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن سا?? ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر پاڪستان معيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق عالمي ماريڪٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر جاري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ سبب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انسان?? جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ان سبب جاري ماري سا?? ۾ ملڪ جي اقتصادي پيش منظر غير يقيني واري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ مطابق جولاءِ کان آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي انهيءَ مُدي جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سا?? جي ان مُدي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ڏيهه موڪليل ناڻي جو حجم 5.4 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو هو. جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ روانگي واپار ۾ 11.3 سيڪڙو جي شرح سا?? اؤسر ٿي آهي. جولاءِ کان آگسٽ دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 5.1 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي ان مُدي ۾ 4.6 ارب ڊالر هو. ملڪي آمدني واپار ۾ جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙو جي شرح سا?? گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سا?? جي ان مُدي ۾ 11.3 ارب ڊالر هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي ان مُدي ۾ 2.4 ارب ڊالر هو. انگن اکرن مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ سا??ياني بنيادن تي 26.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 169.5 ملين ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي ان مدي ۾ 229.5 ملين ڊالر هو. پورٽ فوليو سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو ڪاٽو 25.1 ملين ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي ان مُدي ۾ 921.5 ملين ڊالر هو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ 87.8 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 114.1 ملين ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل مالي سا?? جي ان مُدي ۾ 1.19 ميلن ڊالر هو. گذريل سا?? 28 سيپٽمبر تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 26.037 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو هلندڙ سا?? 28 سيپٽمبر تي 13.582 ارب ڊا??ر رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل سا?? 28 سيپٽمبر تي ايڪسچينج ريٽ 169.97 رپيا هو جيڪو هلندڙ سا?? 28 سيپٽمبر تي 232.12 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق ايف بي آر جي محصولن ۾ جولاءِ دوران 9.7 سيڪڙو جي شرح سا?? اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. جولاءِ ۾ ايف بي آر 948 ارب رپين جا محصول گڏ ڪيا، جيڪو گذريل سا?? جولاءِ ۾ 864 ارب رپيا هئا. جولاءِ جي مهيني ۾ نان ٽيڪس روينيو ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ سا?? جولاءِ ۾ نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 41 ارب رپيا رهيو جيڪو گذريل سا?? جولءِ ۾ 47 ارب رپيا هو. سرڪاري شعبي جي سا??ياني ترقياتي پروگرام تحت جولاءِ ۾ مختلف رٿائن لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. گذريل سا?? جولاءِ ۾ پي ايس ڊي پي تحت مختلف رٿائن لاءِ 25 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا. جاري مالي سا?? جي پهرين مهيني ۾ مالياتي خسارو جو ڳاڻيٽو 210 ارب رپيا رڪارڊ ويو جيڪو گذريل سا?? جولاءِ ۾ 238 ارب رپيا هو. مالياتي خساري ۾ جولاءِ دوران سا??ياني بنيادن تي 11.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ سا?? جولاءِ ۾ پرائمري خسارو 142 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سا?? جولاءِ ۾ ڪاٽو 5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جولاءِ ۽ـ آگسٽ ۾ زريع شعبي لاءِ 226.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سا?? جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 31.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ زرعي شعبي لاءِ 176.6 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا هئا. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو حساس اشاريو 26.1 پوائنٽ رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل سا?? جولاءِ ۽ـ آگسٽ ۾ 8.4 پوائنٽ هو. جولاءِ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جو اشاريو ڪاٽو 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سا?? جولاءِ ۾ 1.4 سيڪڙو هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪيس اينڊ 100 انڊيڪس پهرين جولاءِ تي 41435 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سا?? پهرين جولاءِ تي 41630 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ جاري مالي سا?? دوران 2.16 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي ابتڙ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 1.65 سيڪڙو جي شرح سا?? ٿي آهي.