اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اس??مبلي ميمبرن جو اهم اجل??س اڄ طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اجل??س اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اس??مبلي جي پارٽي ميمبرن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺندو. ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن، شڪايتن ۽ دادرسيءَ بهتر بڻائڻ تي مشاورت ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اس??مبلي جي پارٽي ميمبرن کي ٻوڏ متاثرين جي ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي هدايت ڪئي هئي ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اس??مبلي جي پارٽي ميمبرن کي تڪ وارن امدادي ڪمن تي مامور ڪندو. اجلاس ج?? مقصد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪارروائي ۾ تڪن جي سطح تي حصيداري عمل کي بهتر بڻائڻ آهي.