اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاڪيءَ جي ??ول??پيئن منظور ح??ين جونيئر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم راندين جي ميدان ۾ ملڪ جو جهنڊو بلند ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مرحوم پاڪستان هاڪيءَ جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، منظور ح??ين جونيئر راندين جي ميدان ۾ ملڪ جو جهنڊو سربلند ڪيو. هن عظيم رانديگر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ سندس گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ ??ونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.