لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ثمينه ع??رف ع??وي چيو آهي ته معاشري جي سڀني طبقن کي معذور ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن معذورن جي بحالي واري اداري جي دوري جي ??وقعي تي چئي. اداري جي سربراهه ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ??يمبرن ۽ هاءِ اسڪول جي شاگردن خاتون اول جي آجيان ڪئي. صدر جي گهرواريءَ ثمينه ع??رف ع??وي پي ايس آر ڊي هاءِ اسڪول، آرٿوپيڊڪ اسپتال، او پي ڊي سميت ٻين ڊپارٽمينٽس جو دورو ڪيو. هن معذور ماڻهن جي بحالي ۾ اداري جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته هي ادارو 1957ع کان خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان مشن جي شروعات هڪ ڪمري ۾ ٿي هئي پر هاڻي هي جسماني عضون ۽ مسئلن جي حل لاءِ سڀ کان جامع ادارو بڻجي اڀريو آهي. بيگم ثمينه ع??وي چيو ته معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي ??عذور ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ??اءِ ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن.