اسلام آب??د – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پ??ران چين جي صدر شي جن پنگ جي سالگرهه تي کيس ڪيڪ ۽ گلن جو تحفو موڪليو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پ??ران ڪيڪ ۽ گلدستو اسلام آب??د ۾ چيني سفارتخاني پهچايو ويو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان وزيراعظم پاران ڪيڪ ۽ گلدستو چيني سفارتخاني جي عملدارن جي حوالي ڪيو. چيني عملدارن وزيراعظم پاران تحفن تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.