اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ قانوني لڏپلاڻ سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ وفد جي ناظم الامور ٿامس سيلر وزي??اع??م سان ملاقات ڪئي. ناظم الامور شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي يورپي ڪائونسل جي صدر ۽ يورپي يونين جي صدر پاران نيڪ خواهشون پهچايون. وزي??اع??م ناظم الامور پاران مبارڪباد جي پيغام تي سن??ن ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ يورپي يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن جي وچ م لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. وزي??اع??م پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ مضبوط سيڙپڪاري لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ موسمياتي ۽ ليگل مائيگريشن سميت مخلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنهي طرفن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي باقاعدگي سان مٽاسٽا ٿئي ته جيئن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن جي ڏس ۾ ٻ??رفو تعاون وڌيڪ گهرو ۽ ??ڏي?? تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. يورپي يونين جي ناظم الامور يورپي يونين جي پاڪستان سان ??ڏي?? تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين هلندڙ سال پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ برسلز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.