اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار مح??د شهباز ??ريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ويو، پينل آف چيئرمين اياز ??ادق قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي ??ونڊن جي لاءِ مقرر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز ??ادق اعلان ڪيو ته مح??د شهباز ??ريف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي ??ونڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا، اهڙي طرح شهباز ??ريف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميدوار هو، نئون چونڊيل وزيراعظم مح??د شهباز ??ريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز ??ريف جو ننڍو ڀاءُ آهي، مح??د شهباز ??ريف پهريون ??ير?? 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ٽيون ??ير?? پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير ٿيو. 2008ع ۾ چوٿون ??ير?? بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيو ??ير?? پنجاب جو وڏو وزير رهيو، مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽنهي سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ??ير?? رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو. شهباز ??ريف 2018ع ۾ به قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ 10 اپريل 2022ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ??اميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو.