راولپنڊي – 05 – اپريل (ا?? پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??ڏي?? دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻط??في لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن ??اري شعبي موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ??ڏي?? مفادن جي بنياد تي نيپال سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي شعباجاتي لاڳاپن کي وڌائڻ چاهي ٿو، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معزز مهمان علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.