اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف فيملي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ڪيا آهن، انهن جي خلاف مني ??انڊرنگ جي ڪيسن ۾ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، اهو ڪيس سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني ??ڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير قوم کي مبارڪباد ڏني ته هڪ ڊگهي جاچ کانپوءِ آخرڪار 18 فيبروري تي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مني ??انڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ان جاچ ۾ 14 هزار بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران حيرت انگيز تفصيل سامهون آيا، هن چيو ته مقصود، شهباز شريف جي ملز ۾ نوڪر هو، ان جو پگهار 25 هزار روپيا هو، ان جي نالي تي اڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب روپيا ان جي اڪائونٽ ما?? ٿيندا شريف فيملي جي اڪائونٽس ۾ پ??چي ويا، وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح ??ي درجنين دلچسپ ۽ عجيب فراڊ شهباز شريف جي ان ڪيس جو حصو آهن، هن درخواست ڪئي ته ان ڪيس کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني ??ڃي.