??اغ?? – 04 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي سان بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پجار جي صوبائي سينئر نائب صدر شفقت ناز بلوچ ملاقات ڪئي. پي ايس او پجار پاران کان جاري ڪيل پريس رليز جي اسلام آباد ۾ سينيٽ چيئرمين جي آفيس ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ شفقت ناز بلوچ سينيٽ جي ??يئرمين صادق سنجراڻي کي پنجاب ۾ تعليم هيٺ بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي سينيٽ جي ??يئرمين شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شاگرد ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا معمار آهن، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به قوم جي ترقي جو راز تعليم ۾ آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ شاگردن جو هڪ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين.