اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ پاڪستان ??حريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ??اري بيان موجب ملاقات دوران ??وبي جي مجموعي سياسي ص??رت??ال ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ??ه هو وفاقي حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اسڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، احساس ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وفاقي حڪومت جي ترقياتي اسڪيمن جي ثمرن کان محروم نٿو رکي سگهجي، وفاقي حڪومت جا سمورا منصوبا عو??مي فلاح جي لاءِ آهن.