اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي ??وجوانن کي اڳتي وٺي اچي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، ڪ??مي??ب جوان پروگرام جي انع??اد تي سڄي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ??وجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار محمد عثمان ڊار سان گڏ جناح اسٽيڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مين اسٽريم جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، فرخ حبيب چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ پ??وگرام جي انع??اد تي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪ??مي??ب جوان پروگرام 25 هزار نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ڪ??مي??ب اسپورٽس پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو آهي، هن چيو ته نوجوان ڪ??مي??ب ٿيندا ته پاڪستان ڪ??مي??ب ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي ??وجوانن کي اڳتي وٺي وڃون، اهي ئي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، هن چيو ته هاڪي جي ??روغ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان جي ??وجوانن ۾ اسپورٽس جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، مملڪتي وزير چيو ته ??مي?? آهي ته اهي ئي نوجوان سڀاڻي عالمي سطح تي پاڪستان جي ??مائندگي ڪندا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو فوڪس آهي ته ملڪي سطح تي اسپورٽس کي وڌيڪ نظر انداز نه ٿيڻ ڏيون، هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ??وجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار عثمان ڊار چيو ته 17 سالن کانپوءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جون رونقون واپس آيون آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ اسپورٽس ايونٽ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ عورت رانديگر شريڪ آهن، عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي سئو کان وڌيڪ يونيورسٽين حصو ورتو آهي.