اسلام آباد – 10 – آڪ??وبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان هڪ عظيم انسان ۽ محب وطن پاڪستاني هو، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پنهنجي بيان ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن??ي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ ا??لي?? ??قا?? عطا فرمائي.