اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب ام??را?? روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب ام??را?? جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان ??وي??ين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي سينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب ام??را?? ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب ام??را?? جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين جي نمائش آهي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مار?? 2022ع تائين جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان ??وي??ين ايڪسپو سائٽ جي اهم ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو ??وي??ين سمجهيو ويندو آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب ام??را?? جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب ام??را?? وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب ام??را?? تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي اهم ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.