اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ سومر ڏينهن شام 4 وڳي ٿيندو. پارليامينٽ جي ان گ??يل اجلاس کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي پڻ ڪئي وئي. اڳ ۾ اهو اجلاس صبح 11 وڳي ٿيڻو هو جڏهن ته صدر ??ارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي آئين جي آرٽيڪل 54 ۽ 56 ۾ ڏنل اختيارن تحت ڪئي آهي. صدر جي خطاب سان موجوده قومي اسيمبلي جو چوٿون پارلياماني سال شروع ٿي ويندو. ان اجلاس جي حو??لي سان خاص انتظام ڪيا ويا آهن.