اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ت?? وزيراعظم عمران خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهستي آهستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري رهي آهي، حڪومت ملڪ مان بدعنواني، غربت، بيروزگار?? جي خاتمي، غريب ماڻهن جي زندگ?? جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن جي لاءِ وڙهندي رهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪومتن تي ت??قيد ڪندي چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترق?? جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، خودغرض مخالف ڌر رڳو ڦريل دولت ۽ پنهنجي ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کي اهو سمجهڻ گهرجي ت?? مستقبل ۾ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جا اهي دير وارا حربا ڪم نه ڪندا. فرخ حبيب سنڌ حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ترق?? جي نالي ت?? وفاق کان ار??ين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوب?? جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت صوب?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته ان بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوب?? جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن بڻائي ڇڏي?? آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪ?? آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ت??ار ڪري ورتي آهي.