مڪه – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا جي مختلف علائقن ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن ۾ اضافي تي اسلامي تعاون تنظيم جي ٺوس ردعمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مسلمان اڳواڻن جي گڏيل ڪوشش هجڻ گه??جي ته دنيا ان خصوصي محبت ۽ عقيدت کي تسليم ڪري جيڪا مسلمان حضور اڪرم ﷺ جي ذات مبارڪ سان رکن ٿا، ڪنهن کي به اسلام ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ ج?? اج??زت نه ڏني وڃي، عالمي برادري عدم برداشت ۽ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي تشدد جي لاءِ اتساهڻ ج?? خلاف گڏيل عزم ظاهر ڪري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقا??َ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف اي الاثمين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو.