اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگ??ه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي ??ان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارلي??مي??ٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌا??ڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ به??ري آڻڻ جي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي گڏيل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن سيڙپڪاري جا امڪان ڳولي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.