اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 144 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان قائداعظم محمد علي جناح کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي قيام ل??ءِ سندس ڪردار کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ايوان ص??ر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته اسان پاڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪ??ڻ جو وچن ڪريون ٿ??.صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، هو اقليتن جي حقن جو سڀ کان وڏو حامي هو ۽ ان??ن جي حقن جي حفاظت جي ضمانت ڏني هئي.