اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ ??ئنڪ جو گورنر، ??ئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ??اڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻ??ن آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي وفاقي گادي وا??ي شهر ۾ تعميرات جي شعبي ۾ ڏنل مراعتن، ڪمرشل، رهائشي تعميرات جي حوالي سان هيستائين ڏنل منظورين، ويجهي مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن، پارڪ انڪليو ٿري منصوبي ۽ بليو ايريا ۾ ڪمرشل پلاٽس جي نيلامي ۾ اڳ??رائي ۽ سي ڊي اي جي مڪمل آٽوميشن تي بريفنگ ڏني.