اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) ص??عت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ننڍا سيڪٽر کولڻ سان ڪيترن ئي ما??هن جو روزگار بحال ٿيندو. حڪومت کي ??ڀني صنعتن جي ڏکايائين جو احساس آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته روزمرهه استعمال جي شين جي فراهمي جاري رهي. سڄي ملڪ ۾ ميڊيڪل اسٽورز کليل رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو.