اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??فا??ي ڪابينا گر??ي جي ايندڙ م??سم ۾ ڊينگي جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀارت کان درآمد ڪرڻ جي هڪ ڀيري جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته کنڊ جي معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آف انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نادرا جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي لاڳو ڪرڻ، ??فا??ي گادي واري شهر جي حدن ۾ موجود ادارن ۾ گر??ڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين لاءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪرڻ، مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپ??ار?? بورڊ جي چيئرمين زبير گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ??فا??ي ملازمن پاران پگهارن ۾ اضافي جي مطالبي جو پڻ ج??ئز?? ورتو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران روايت جي ابتڙ م??ازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ ??فا??ي سطح تي پگهارن ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سر??ار?? ملازمن جي لاءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو قانون ۾ موجود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.