اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يمن ۾ بحران جي سياسي حل لاءِ ڳالهيون جلد شروع ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته رڳو ڳالهين س??ن ئي ان مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو، يمن تڪرار جي سمورين ڌرين کي بحران جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن جي مڪمل پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ يمن جي سفير محمد مطهرالاشابي سان ملاقات ۾ ڳالهائيند?? ڪيو جن??ن صدر سان خيرسگالي ملاقا?? ڪئي.