اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي ??زي?? علي امين گنڊاپور چيو ??هي ته جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا، گلگت بلتستان ۾ صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪش ڪميشن جي ذميواري آهي، گلگت بلتستان کي صوبي جي آئيني حيثيت ڏيڻ جو فيصلو اليڪشن جي ڪري نه پر اتان جي عوام جي امنگن جي ڏس ۾ ڪيو ??هي، گلگت بلتستان پاڪستان جو معاشي بيس ڪئمپ ثابت ٿيندو، گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جون چونڊون 15 نومبر 2020ع تي ٿينديون جنهن ۾ مج??س وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ??يم) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ??هي، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، تحريڪ اسلامي پاڪستان ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن مج??س وحدت المسلمين جي اڳواڻ ناصر عباس ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.