اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديل??ن جي سببن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاڳو ٿيندا. اهو ئي وقت آهي ته دنيا اڳتي اچي ۽ گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ورلڊ سمٽ جي مناسبت سان پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ کان 20 سال اڳ موسمياتي تبديلي جي معاملي کي سنجي??ه نه ورتو ويندو ??و پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت س??جهندي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو، گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتار ۾ تيزي، ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طوفان معم??ل جا واقعا بڻجندا پيا وڃن. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن عالمي برادري موسمياتي تبديل??ن جي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاحق ٿيندا.