اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق د??ئود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري ۽ ٻيا ??ين??ر آفيسر به موجود هئا. وفد موجوده حڪومت جي طرفان ڪاروباري برادري جي لاءِ سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ بزنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي ڪم??نين جي ڪاروباري سرگرمين ۽ لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي ميمبرن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪم??نين جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ اهي پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪ??روباري طبقي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروباري برادري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، منافع بخش ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ح??ومت جي اولين ترجيح آهي.