اسلام ??باد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اظهار ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هتي اسلام ??باد ۾ ٿيندڙ اجلاس ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، عبدالرزاق دائو??، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سيڪٽر سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جا ن??ائ??دا شريڪ ٿيا.