اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پا??ست??ن هلندڙ سال دوران پنهنجي ويجهي حصيدارن ۽ دوستن سان مضبوط رابطن جي پاليسي جاري رکي، پا??ست??ن چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ وسيع تر اس??امي دنيا سان پنهنجي روايتي حصيداري کي مضبوط ڪيو، اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ دوستي تي ٻڌل آهن ۽ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ ٻطرفن دورن جي مٽاسٽا جي روايت جي خصوصيت رکن ٿا. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال 2024ع پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ روايتي گرمجوشي ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو عڪاس رهيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ۾ چين ج?? سرڪاري دورو ڪيو جڏهن ته چين جي وزيراعظم لي ڪيان آڪٽوبر ۾ پا??ست??ن جو دورو ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ چين مئي 2024ع ۾ بيجنگ ۾ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جو پنجون اس??ريٽجڪ ڊائيلاگ پڻ منعقد ڪيو، انهن اعليٰ سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي دوران ٻنهي ملڪن پاڪ چين آل ويدر اس??ريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ۽ وڌائڻ ۽ سي پيڪ تي خاص ڌيان سان گڏ اس??ريٽجڪ شعبن ۾ عملي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي وسيع اتفاق راءِ طئي ٿيو. ترجمان چيو ته پا??ست??ن ۽ جي سي سي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي مضبوط مٽاسٽا ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جا چار سرڪاري دورا ڪيا جنهن سان اسان جي اس??ريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿي، سعودي عرب سان سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اهم مفاهمتون طئي ٿيون جنهن ۾ وزيراعظم پا??ست??ن ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پئڪيج جي ڪمٽمينٽ کي تيز ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا به ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان اسان جي ٻطرفي مصروفيتن جو هڪ اهم مرڪز ??هيا آهن. ترجمان چيو ته انهن ملڪن سان توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي.