لاهور- 21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وف??قي وزير محسن
نقوي،7/24 اوپن پاسپورٽ آفيس گارڊن ٽائون جو اوچتو دورو ڪيو. وفاقي
وزير پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پاسپورٽ
ٺهرائڻ واري عمل جي باري ۾ پڇاڻو ڪيو. پاسپورٽ ٺهرائڻ جي عمل تي
اطمينان جو اظهار ڪندي شهرين چيو ته 24 ڪ??اڪ پاسپورٽ آفيس کليل رهڻ
سبب بي پناهه رش ختم ٿي وئي آهي. وف??قي وزير مختلف ڪائونٽرن تي ويو ۽
شهرين سان ڳا??هه ٻولهه ڪئي. هن ڪجهه شهرين جا مسئلا موقعي تي حل
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا. ڪجهه شهرين علائقي ۾ ايجنٽ مافيا جي شڪايت ڪئي.
وف??قي وزير فوري طور نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي کي اڄ ئي فوري ڪريڪ
ڊائون جو حڪم ڏنو. هن چيو ته شهرين کي سهولتون سڀ کان وڌيڪ عزيز
آهن. پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جي شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهرين جو اعتماد منهنجي لاءِ اطمينان جو سبب آهي.