اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽر ڪيپٽن (ر) شاهين خالد بٽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. هن اداري جي آفيسرن سان اجلاس جي صدارت ڪندي موجوده عوامي ڀلائي جي منصوبن ج?? حوالي سان تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. ايم ڊي پاڪستان بيت المال سينيٽر ڪيپٽن (ر) شاهين خالد بٽ اداري جي غريب دوست قدمن کي ساراهيند?? ان عزم جو ا??هار ڪيو ته ايندڙ ڏينه?? ۾ ??ي ادارو وڌيڪ موثر انداز سان ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائيندو. هن چيو ته ملڪ جي مشهور ۽ وڏي عوامي ڀلائي واري اداري جو سربراهه بڻجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هڪ اهم ذميواري آهي. وزيراعظم مون کي هي عهدو سونپي جنهن اعتماد جو ا??هار ڪيو آه?? ان تي پورو لهڻ ۽ سڄي ملڪ جي ڏکويل ۽ محروم ماڻهن ج?? بي لوث خدمت لاءِ پرعزم آهيان.