ڪوئيٽا-19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خام چيو آهي ??ه افغان نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، انهن ٻا??ن سان افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي ??و مستقبل ڳنڍيل آهي، پاڪستان هميشه افغان پناهگيرن کي سندن پيرن تي بيهارڻ لاءِ تعاون ڪندو پيو اچي. چاهيون ٿا ته هي ??فغار ٻار مهارت هتان سکي پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙو اظهار هن گ??يل قومن جي پناهگيرن بابت اداري طرفان افغان پناهگيرن جي هٿ جي هنر سميت مختلف هنرن جو ڪورس مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. راڻا مشهود احمد چيو ته افغان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو ڏٺو آهي ??يڪي پنهنجو مقام پنهنجي محنت سان بڻائڻ چاهين ٿا، پاڪستان مان هنر سکي جڏهن هو پنهنجي ملڪ ورن تي اتي به معاشري ۾ بهتري لاءِ پنهنجي هنر سان ٻين افغان شهرين کي فائدو رسائين. هن چيو ته پاڪستان انهن نوجوانن سان گ?? بيٺل آهي، نوجوان گ??جي هلن ۽ پنهنجي هن هنر سان هو پنهنجي ڪاروبار کي وڌائي سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جو مستقبل انهن ٻارن جي اندر ڏس?? رهيو آهيان. نسٽ يونيورسٽي، گڏيل قومون ۽ انهن جي ذيلي تنظيمن کي نوبل ڪاز لاءِ ڪم ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، هي نوجوان مستقبل ۾ پنهنجي ملڪ جي اڳواڻي ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ راڻا مشهود احمد خان هٿ سان ٺاهيل هنر جي اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ افغان ٻا??ن سان انهن جي ڪم ۽ هنر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، خاص مهمان افغان ٻارن ۾ چيڪ پڻ ورهايا.