اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي س?? او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن ??يو ته نائب وزيراعظم اجلاس ۾ اي س?? او چارٽر جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ اي س?? او خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خطاب ۾ اي س?? او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ صلاح??ت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان ??يو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سلامتي ??ي خطري بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نائب وزيراعظم اي س?? او ڪلين انرجي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ اي س?? او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.