اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ت?? ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ سموگ/ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، پنجاب جا ڪجهه ميداني علائقا ۽ مٿانهين سنڌ سموگ/ ڪوهيڙي هيٺ رهيا. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 09، ??سڪ??دو ۾ ڪاٽو 06، استور، گوپس ۾ ڪاٽو 04، گلگت ۾ ڪاٽو 03، ڪالام ۾ ڪاٽو 02 ۽ قلات ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گ??يڊ رڪارڊ ڪيو ويو.