اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مير ??طا??لله لانگو کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجڻ ۽ ٻين نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ ڪاميابي وڪيل برادري جي فلاح ۽ بهبود جو سبب بڻ??ندي. وزيراعظم بار ايسوسيئيشن جي آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني کي هٿي ??يڻ ۽ بلوچستان جي وڪيلن جي مفادن جي تحفظ جي عزم کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته هو پراميد آهي ته نئين چونڊيل ٽيم قانوني پيشي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي ۽ ملڪ ۾ انصاف ۽ جمهوريت کي هٿي ??يڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.