رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ٽن ڏينهن جي آذربائيجان جي دوري دوران وز??راعظم باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ٽرمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ٻئي سفارتي عملي وز??راعظم کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ ورتل ملڪن جي مشڪل??تن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ منعقد ان اجلاس ۾ وز??راعظم پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطر?? تي روشني وجهندو. وز??راعظم ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وز??راعظم ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. وز??راعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. وز??راعظم ان سان گڏوگڏ تاجڪ صدر امام علي رحمان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گليشيئرز 2025ع: گليشيئرز جي لاءِ قدم“ ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران وڌندڙ عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏوگڏ آذربائيجان جي صدر پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وز??راعظم ڪوپ 29 ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وز??راعظم پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطر?? تي پڻ روشني وجهندو. نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وز??راعظم سان گڏ آهن.