اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ عالمي فوجداري انصاف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منعقد ٿيل ٻن ڏينهن وارو 45 هون ساليانو فورم آف دي پارليمينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن ۽ 13 هون ڪنسلٽيٽو اسيمبلي آف پارليمينٽيرينز آن انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ پي اي جي صدر سيد نويد قمر جي اسلام آباد پلان آف گلوبل ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس پڌرائي سان پڄاڻي تي پهتو. فورم جي شرڪت ڪندڙن بحت ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. پي اي جي اجلاس ۾ شريڪ ميمبر ملڪن انسانيت خلاف ڏوه?? جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي ز??ر ڀريو ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستا?? جي ڪاوشن کي خراج تحسين ??يش ڪيو. ميمبر ملڪن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان مستقبل ۾ به عالمي امن ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزباني هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليمينٽري سروسز ۾ منعقد ان ٻن ڏينهن واري فورم ۾ پاليمينٽرينز، ماهرن، سرڪاري عهديدارن ۽ عالمي تنظيمن جا نمائندا شامل هئا جن قانو?? جي حڪمراني، انساني حق?? جي تحفظ ۽ عالمي فوجداري عدالت جي روم جي آئي?? جي توثيق جهڙن موضوعن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. افتتاحي سيشن ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پارليامينٽيرنز فار گلوبل ايڪش?? جي سيڪريٽري جنرل مونيڪا ايڊم، صدر پاڪستان نيشنل گروپ سينيٽر شيري رحمان ۽ پارليامينٽيرنز فار گلوبل ايڪش?? جي صدر سيد نويد قمر خطاب ڪيو. پهرين ??ينل سيشن ۾ روم جي قانو?? جي عالمگير ۽ عالمي فوجداري قانو?? جي فريم ورڪ جي توسيع تي غور ڪيو ويو. منجهند جي سيشن ۾ قانون لاڳ?? ڪرڻ تي علائقائي تناظر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ سڌارن وارن قانونن کي اختيار ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي سمجهيو ويو. فورم جي ٻئي ڏينهن پينل مباحثي ۾ مختلف اهم موضوع بحث هيٺ آيا، جن ۾ ”عالمي جنسي ۽ صنفي بنيادن تي ڏوهن خلاف انصاف حاصل ڪرڻ“، ”عالمي ??وهن خلاف عدم سزا لاءِ اثرائتي سهڪار“، ”انصاف، انساني حقن ۽ عالمي احتساب ۾ توازن“ ۽ ”عالمي فوجداري انصاف جي مستقبل جا موقعا“ شامل هئا. قومي اسيمبلي پاڪستا?? جي ايس ڊي جيز بابت پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني ز??ر ڀريو ته پاڪستان عالمي انصاف لاءِ موجوده قانوني فريم ورڪ جي حمايت ڪري ٿو، شرط اهو آهي ته اهو غير جانبدار ۽ منصفاڻو هجي ۽ سياسي مفادن کان آزاد هجي. هن عالمي ??وه?? جي مرتڪب ماڻهن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ ايڊهاڪ ٽربيونلز، جي آءِ ٽيز ۽ معلوماتي اشتراڪ جي مڪينزم جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي جنسي ۽ صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي معاملن تي عالمي برادري جي توجهه ڏياري ۽ ان مسئلي کي عالمي فورمز جيئن گڏيل قومون، سلامتي ڪائونسل ۽ پي اي جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڀريو. هن چيو ته انساني حق?? جي پاسداري ۽ انصاف حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ عالمي برادريءَ جي ذميواري آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته مالي وسيلا به فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ان فريم ورڪ کي فعال بڻائي لاڳ?? ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ پينل مباحثي ۾ نشاندهي ڪئي ته مختلف ملڪن جا مذهبي ۽ رواجي قانون ڪجهه وقتن ۾ عالمي قانونن مطابق ناهن هوندا جنهن سان عالمي قانوني فريم ورڪ جي قبوليت ۾ ڏُکيائيون پيدا ٿينديون آهن. هن عالمي قانون?? جي چونڊ کي لاڳ?? ڪرڻ ۽ ٻٽي معيار کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت تي ز??ر ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر شير علي ارباب عورتن يج تعليم، حقن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڀلائيءَ کي هٿي وٺرائڻ کي اجاگر ڪندي انهن قدمن سان عورتن کي بااختيار بنائڻ ۾ مدد ملندي ۽ معاشرتي سطح تي هاڪاري تبديليون اينديون. فورم جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ پي اي جي سيد نويد قمر ”اسلام آباد پلان آف گلوبل ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس“ پيش ڪيو جنهن کان پوءِ هڪ مباحثو ٿيو جنهن ۾ فورم جي شرڪت ڪندڙن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. پڄاڻيءَ تي پي اي جي سيڪريٽري جنرل مونيڪا ايڊم، سردار اياز صادق، صدر پي اي جي پاڪستان سيد نويد قمر ۽ چيئرپرسن پاڪستان نيشنل گروپ سينيٽر شيري رحمان جو شڪريو ادا ڪيو. هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جنهن فورم جي شرڪت ڪندڙن لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون ۽ ڪاميابيءَ کي يقيني بڻايو.