اسلام آب??د-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت سپ??يم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس سيد منصور علي شاهه کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. وزارت مان جاري بيان موجب سوشل مي??يا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ صدر مملڪت طرفان سپ??يم ڪورٽ جي سينيئر جج سيد منصور علي شاهه کي 26 آڪٽوبر کان چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. بيان موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت اهڙي قسم جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.